شفيع محمد جمن

شفيع محمد جمن

شفيع محمد جمن

شفيع محمد جمن: سنڌ جي نامياري راڳي شفيع محمد جمن 20 جنوري 1956ع تي ڪراچي شهر جي عثمان ڳوٺ ۾ سنڌ جي مهان راڳي محمد جمن جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس خاندان موسيقي سان سلهاڙيل هڪ اهم گھراڻو آهي. هو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد سان گڏ راڳ جي محفلن ۾ ويندو هو. پوءِ باقاعده راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. شفيع محمد جمن موسيقيءَ جي بنيادي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ باقاعدگيءَ سان استاد ڪرامت علي خان (ربابي) کان راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. سندس تعلق بلوچستان جي لسٻيلي علائقي جي سخيراڻي قبيلي سان هو، پر ڪن روايتن موجب سندس تعلق ڀوتاڻي/ بڪڪ قبيلي جي مڱڻهار گھراڻي سان هو. شفيع محمد جمن ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن جو مشهور گلوڪار هو، سندس آواز ۾ ناز پروڊڪشن پاران 3 عدد آڊيو البم پڻ جاري ٿيا. هن پوري سنڌ سميت لاهور ۽ اسلام آباد ۾ به وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس ۾ ثمينه ڪنول سان گڏجي شاهه سائين جا سُر پڻ آلاپيا.
شفيع محمد جمن 28 آگسٽ 2002ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گھر ۾ پنهنجي والد ۽ ڏاڏي جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ شفيع محمد جمنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.20  عيسوي

نامياري راڳي شفيع محمد جمن 20 جنوري 1956ع تي ڪراچي شهر جي عثمان ڳوٺ ۾ سنڌ جي مهان راڳي محمد جمن جي گهر ۾ جنم ورتو.


2002.08.28  عيسوي

شفيع محمد جمن 28 آگسٽ 2002ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ماسٽر فتح علي سمو
عالم لوهار
صابري غلام فريد
سيد سليمان شاهه
خادم سخيراڻي
استاد لعل خان گُڪو
استاد شفيع فقير
الهڏنو خاصخيلي
ڀاڳچند پنجابي
شوڪت گل
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون